اداڪاره جانان ملڪ اداڪاري کان پوءِ رڌپچاءُ ۾ به مهارت حاصل ڪري ورتي

ڪراچي: پاڪستان ٽيليويزن جي مشهور اداڪاره جانان ملڪ اداڪاري کان بريڪ وٺڻ کان پوءِ هاڻ رڌ پچاءُ جي ڪمن ۾ به مهارت حاصل ڪري ورتي آهي.رپورٽ موجب اداڪاره جانان ملڪ ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي هو پي ٽي وي سميت خانگي چينلن تي ڪيترن ئي يادگار ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي پر هاڻ هو پروفيشل بورچياڻي به بڻجي چڪي آهي هن اداڪاري کان بريڪ وٺي آن لائن رڏ پچاءُ جو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي هو انسٽاگرام تي پنهنجو بيڪنگ جو اڪائونٽ به هلائي رهي آهي جنهن تي ان جا تقريبن ڏيڍ لک فالوورز آهن. هڪ انٽرويو ۾ هن پنهنجي نئين پروفيشن جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ڪوڪنگ جو شوق مون کي ننڍپڻ کان ئي هو ۽ منهنجي هميشه کان ئي خواهش هئي ته مان اداڪاري سان گڏوگڏ ڪوڪنگ به ڪريان. اهو شوق مون کي پنهنجي ناني کان ورثي ۾ مليو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔