ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي ۾ ٺاپر نه آئي، وڌيڪ ٽي ڪشميري نوجوان شهيد

سري نگر: والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج رياستي دهشتگردي جاري رکندي وڌيڪ ٽن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي.ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فوج ضلعي شوپيان جي علائقي سوگن ۾ سرچ آپريش جي آڙ ۾ ناڪه بندي ڪري 3 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڌيو. ڪي ايم ايس موجب ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جي خلاف سڄي ضلعي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جنهن ۾ ڀارت جي خلاف ۽ آزادي جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي.ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي لاءِ لاٺي چارج، پيلٽ گن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل فائر ڪيا. جنهن ۾ ڪيترن ئي ڪشميرين جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. ياد رهي ڪجهه ڏينهن اڳ به ڀارتي فوج طرفان شوپيان ۾ شهيد ڪيل 3 ڪشميري نوجوانن جا مڙهه انهن جي وارثن جي حوالي ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔