ڪورونا ويڪيسن سال جي آخر تائين تيار ٿي ويندي: ڊبليو ايڇ او

جنيوا: صحت جي عالمي اداري جي نگراني هيٺ 9 ڪورونا ويڪسين تي ڪم جاري آهي ۽ هلندڙ سال جي آخر ۾ ويڪسين اچڻ جي اميد ظاهر ڪئي وئي آهي.ويڪسين تيار ٿيڻ کان پوءِ ايندڙ سال 2 ارب خوراڪون سڄي دنيا ۾ ورهايون وينديون جنهن لاءِ منصوبه بندي تيار ڪئي وئي آهي. صحت جي عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او طرفان ڪورونا ويڪسين جي ورهاست جو پلان تيار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سٺ کان وڌيڪ امير ملڪ شامل آهن پر آمريڪا ۽ چين کي ان ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي.هن پروگرام ۾ گڏيل طور تي 156 ملڪ شامل آهن. مائيڪرو سافٽ ويئر جي باني بل گيٽس دعويٰ ڪئي آهي ته ڪورونا ويڪسين جلد بڻجي ته ايندڙ سال جي آخر تائين امير ملڪ معمول واري زندگي طرف موٽي ايندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔