مهوش حيات جي نئين ڪمرشل تي سوشل ميڊيا صارفين پاران ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي: اداڪاره مهوش حيات هڪ دفعو ٻيهر نئين تڪرار ۾ ڦاسي وئي ان جي نئين ڪمرشل ٽوئٽر صارفين کي سخت ڪاوڙ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. مهوش حيات ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي نئين ڪمرشل جي وڊيو شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ هو چئني صوبن جي نمائندگي ڪندي ڊانس ڪري بسڪيٽ وڪرو ڪندي نظر اچي رهي آهي. جڏهن کان مهوش حيات اها وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي ٽوئٽر صارفين سميت صحافي انصار عباسي ۽ ملڪ جا وزير به سندس مٿان سخت ڪاوڙيل آهن.انصار عباسي ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته بسڪيت وڪرو ڪرڻ جي لاءِ هاڻ ٽي وي چينلن تي مجرا هلندا. پيمرا نالي جو ڪو ادارو آهي هتي؟ ڇا وزيراعظم عمران خان هن معاملي تي ڪو ايڪشن وٺندو؟ ڇا پاڪستان اسلام جي نالي تي نه ٺهيو آهي. مذهبي معاملن واري وزير علي محمد خان انصار عباسي جي ان ٽوئٽ جي جواب ۾ ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته عمران خان مڪمل طور تي ميڊيا تي موجود ان سمورن اسلام مخالف شين جي خلاف آهي جيڪي اسان جي ثقافت ۽ اصولن جي خلاف آهن ۽ اسان جي نوجوانن مٿان نقصان ڏيندڙ اثر ڇڏينديون آهن.اسلامي رياست ۾ اهڙي طرح جي بيهودگين جي ڪابه جڳهه نه آهي. هوڏانهن وفاقي وزير چوڌري فواد حسين انصار عباسي ۽ علي محمد خان جي ٽوئٽس تي جوابي ٽوئٽ ڪندي چيو ته اوهان ۽ علي محمد خان فحاشي ڇو سرچ ڪندا رهندا آهيو؟ ٻيو گهڻو ڪجهه آهي ان تي به ڳالهائي سگهو ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔