بابر اعظم پنهنجي ڪاميابيءَ جو راز ٻڌائي ڇڏيو

لاهور :قومي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته زمبابوي خلاف ڀرپور تياري سان ميدان تي لهنداسين.
پي سي بي پوڊ ڪاسٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بابر اعظم چيو ته ڪورونا باوجود دنيا ۾ ڪرڪيٽ سرگرميون جاري رهڻ سٺو سنئوڻ آهي ۽ ان سبب مون کي انگلينڊ جي دوري ۽ پوءِ سمر سيٽ جي نمائندگي کانپوءِ هاڻ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ به بائيو سيڪيور ببل ۾ رهڻو پوندو، هاڻ مان ان ماحول ۾ رهڻ جو عادي ٿي چڪو آهيان.
هن چيو ته منهنجي ڪاميابيءَ جو راز پنهنجي نيچرل گيم کيڏڻ آهي پر جڏهن دٻاءَ جو شڪار هجان ته چُپ ناهيان ويهي سگهندو، دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ ڊريسنگ روم ۾ ساٿي رانديگرن ۽ سپورٽنگ اسٽاف سان ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهيان.
سندس چوڻ هو ته مان ڏکي ڪنڊيشن ۾ پِچ تي سخت پريڪٽس ڪندو آهيان ته جيئن ميچ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهان، انگلينڊ ۾ سٺو بائونس ملندو آهي، جنهن جي ڪري بيٽنگ بهتر ٿي.
بابر اعظم چيو ته زمبابوي خلاف ڀرپور تياري سان ميدان تي لهنداسين، زمبابوي خلاف ڪاميابي حاصل ڪري نيوزيلينڊ روانگي کان اڳ مومينٽم حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔