پ پ ۽ (ن) ليگ پنهنجي ڪيل ڪرپشن تي پردو وجهڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيون آهن: شبلي فراز

ڪراچي: وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته پ پ ۽(ن) ليگ پنهنجي اڳواڻن جي ڪرپشن تي پردو وجهڻ جي لاءِ حڪومت تي دٻاءُ وجهي رهي آهي.

سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير شبلي فراز ڪراچي ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته وزيراعظم اسان کي سيکاريو آهي ته سڄي ملڪ جي خدمت ڪرڻي آهي ان لاءِ اسان مخصوص علائقن جي خدمت نه پر پوري ملڪ جي ترقي ۾ حصو وجهڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سياسي اختلافن کي وساري ڪراچي ۽ سنڌ جا مسئلا حل ڪرڻا پوندا ۽ اسان گهٽ وسيلا هجڻ جي باوجود ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. پر بدقسمتي سان ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن تي ڪم سست رفتاري جو شڪار آهي.

شبلي فراز چيو ته اسان جي لاءِ پوري ملڪ جي ترقي اهم آهي هاڻ ملڪ ۾ هن وقت جيڪو به ٿي رهيو آهي اهو ڪجهه ماڻهن جي ذافي مفاد جي لاءِ ٿي رهيو آهي. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) جا اڳواڻ ڪرپشن تي پردو وجهڻ لاءِ حڪومت تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن. هن چيو ته  ادارن جي خلاف ڳالهائيندڙن لاءِ قوم ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي جڏهن ته جلسي ۽ جلوسن جو بنيادي مقصد سڀني کي خبر آهي. ملڪ ۾ معيشت، ڪورونا ۽ ٻين چيلنجن کي منهن ڏيڻ جي بجاءِ مسئلا پيدا ڪيا پيا وڃن ۽ مخالف ڌر جو اهو اتحاد ذاتي مفاد جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي.

ٻيٽن بابت ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسان ٻيٽن جي معاملي تي سنڌ جي عوام لاءِ روزگار جو سوچيندا آهيون ۽ ٻيٽن ۾ صنعتن جي قيام جي حق ۾ آهيون. هن وڌيڪ چيو ته اسان سوچيون ٿا ته تڏهن به مسئلو ۽ نٿا سوچون تڏهن به مسئلو آهي. وفاقي حڪومت ٻيٽن جي معاملي تي ڪوبه غيرآئيني قدم ناهي کڻي رهي پر سنڌ حڪومت  ٻيٽن جي معاملي کي سياسي بنائي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔