بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس جو فيصلو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج

ڪراچي: بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس جي ڏوهارين سزا کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو.

رپورٽ موجب بلديه فيڪٽري سانحي جي ڏوهارين زبير چريا، رحمان بهولا، علي محمد، فضل محمد، شاهه رخ ۽ ارشد محمد سزا کي چيلنج ڪيو. 3 فيڪٽري ملازمن جي طرفان ايڊووڪيٽ شوڪت حيات ۽ فاروق حيات اپيل داخل ڪئي جڏهن ته ڏوهارين رحمان بهولا ۽ زبير چريا طرفان ايڊووڪيٽ عامر منسوب اپيل داخل ڪئي آهي. وڪيلن جمع ڪرايل اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته دهشتگردي  جي انت واري عدالت جي فيصلي ۾ حقيقتن کي نظر انداز ڪيو ويو.

واضح رهي ته بلديه فيڪٽري ڪيس جو فيصلو 8 سالن کان پوءِ گذريل مهيني 22 سيپٽمبر تي دهشتگردي جي انت واري عدالت طرفان ٻڌايو ويو جنهن ۾ ڏوهارين رحمان بهولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي. وئي.عدالت ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي سميت چئن ڄڻڻ کي ثبوت نه هجڻ سبب بري ڪري ڇڏيو هو. بري ٿيندڙن ۾ اديب خانم، علي حسن قادري ۽ عبدالستار به شامل هئا. 

دهشتگردي جي انت واري عدالت چئن جوابدارن کي سهولتڪاري جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا ٻڌائي. سزا ماڻيندڙ سهولتڪارن ۾ ارشد محمود، فضل، شاهه رخ ۽ علي احمد شامل هئا. ياد رهي ته 11 سيپٽمبر 2012 تي ٿيندڙ بلديه فيڪٽري سانحي ۾ 259 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔