ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 50 لک ٽن ڪڻڪ موجود آهي:شبلي فراز

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير شبلي فراز ٻڌايو ته ڪابينا کي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي موجود ذخيرن ۽ امپورٽ ٿيندڙ ڪڻڪ بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته لڳ ڀڳ 50 لک ٽن ڪڻڪ ملڪ ۾ موجود آهي، مستقبل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبي پاران ڪڻڪ امپورٽ ڪئي پئي وڃي، نجي شعبي پاران امپورٽ ڪيل 4 لک 30 هزار ٽن ڪڻڪ ملڪ ۾ پهچي وئي آهي، وڌيڪ 6 لک 60 هزار ٽن ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جو انتظام ڪيو پيو وڃي، سرڪاري سطح تي به 6 لک 30 هزار ٽن ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جي انتظام مڪمل ڪيا آهن، هڪ لک 80 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ روس کان حڪومت جي حڪومت سان معاهدي تحت امپورٽ ڪئي پئي وڃي، روس وڌيڪ 5 لک ٽن ڪڻڪ ڏيڻ جو به اشارو ڏنو آهي، ملڪ ۾ هن وقت ڪڻڪ جا ذخيرا ضرورت مطابق موجود آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔