ايف آءِ آر ڪير به ڪٽرائي سگهي ٿو، حڪومت جي پيروي کان سواءِ ڪيس اڳيان نٿو هلي سگهي: شفقت محمود

اسلام آباد: تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته ايف آءِ آر ڪير به ڪٽرائي سگهي ٿو پر ڪيس ان وقت تائين اڳيان نٿو وڌي سگهي جيستائين حڪومت ان جي پيروي نه ڪري.

خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي شفقت محمود چيو ته ايس ايڇ او بيوقوفي ڪئي آهي ان کي گهرجي ها ته هو درخواست کي گهرو وزارت وٽ موڪلي ها ۽ حڪومت کان ان ايف آءِ آر بابت هدايت وٺي ها. شفقت محمود چيو ته ايف آءِ آر ته ڪوبه شخص ڪٽرائي سگهي ٿو. جيڪڏهن حڪومت کي ايف آءِ آر ڪٽرائڻي هجي ها ته لڪي نه ڪٽرايون ها. سڀني جي سامهون ايف آءِ آر ڪٽرائي وڃي ها. وفاقي وزير اهو به چيو ته غداري جي ايف آءِ آر صرف حڪومت جي چوڻ تي ئي داخل ڪري سگهجي ٿي جيڪڏهن حڪومت کي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻي هجي ته ڇا حڪومت ايتري نااهل آهي جو کيس پنهنجي اختيارن جي باري ۾ به خبر نه هجي. حڪومت جي پيروي کان سواءِ اهو ڪيس اڳيان نٿو هلي سگهي.

نوازشريف ۽ ٻين ليگي اڳواڻن جي خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرائيندڙ بدر رشيد جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي شفقت محمود چيو ته جيڪڏهن هي شخص ايترن ڪيسن ۾ ملوث آهي ته ان جي ڏوهن جي هڪ هسٽري آهي ته ڇا حڪومت ان قسم جو ڪيس داخل ڪرائڻ جي لاءِ اهڙي ماڻهو جي چونڊ ڪندي. عقل ان ڳالهه کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شفقت محمود چيو ته عمران خان جڏهن فوجي حڪومت جي خلاف ڳالهيون ڪري رهيو هو ته ان وقت جون حالتون ۽ اڄ جي حالتن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. ان وقت ملڪ ۾ هڪ طرح جي مارشل لا هئي اڄ پاڪستان ۾ آئيني حڪومت آهي. اسان هڪ ڪروڙ 97 لک ووٽ کڻي حڪومت ۾ آيا آهيون.

نوازشريف ڪهڙي وقت جي ڳالهه ڪري رهيو آهي جنهن وقت مشرف جو زمانو هو ان وقت ته هو ڀڄي ويو هو  ۽ سعودي عرب ۾ 10  سال ترسيل هو ياد رهي ته مسلم ليگ(ن) ايف آءِ آر جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪومت ڪنهن ٻئي جي ڪلهي تي بندوق رکي نه هلائي جيڪڏهن وفاقي وزيرن ۾ همت آهي ته پنهنجو نالو به ايف آءِ آر ۾ داخل ڪرائي ۽ اسان کي اچي گرفتار ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔