اسلام آباد: احتساب عدالت پارڪ لين ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو
پارڪ لين ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت اسلام آباد ۾ ٿي ، جنهن ۾ آصف علي زرداري ، بلاول هائوس ڪراچي مان وڊيو لنڪ وسيلي عدالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته ٻين جوابدارن کي به ويڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ حاضر ڪيو ويو .
ٻڌڻي دوران شريڪ جوابدارن اقبال خان نوري ريفرنس مان بريت ۽ پنهنجي موڪل سان ملاقات ڪرائڻ جي درخواست ڪئي جڏهن ته جوابدار طاحا رضا جي وڪيل به پنهنجي موڪل سان ملاقات جي درخواست ڪئي .
احتساب عدالت جي جج چيو ته اسان اڄ چارج فريم ڪري ڇڏيون ٿا ۽ جوابدارن سان ملاقات جي به اجازت ڏيون ٿا.
وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ شريڪ آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته سندس وڪل اڄ سپريم ڪورٽ ۾ مصروف آهي ان ڪري اڄ ان تي فرد جرم لاڳو نه ٿي ٿي سگهي .
فرد جرم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ مڙني جوابدارن پاران ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪيو ويو .