براؤزنگ تازہ ترین

تازہ ترین

ايف بي آر جي انفورسمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ ضروري آهي:وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايف بي آر جي انفورسمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ وقت جي ضرورت آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي معاملن بابت اجلاس ٿيو.ملاقات ۾ وزيراعظم ايف بي آر جي تبديلي واري منصوبي کي

اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد ذميوار عهدي تي ويهي مخصوص سياسي جماعت کي پروموٽ ڪري رهيو…

پشاور : سڪيورٽي اختيارين جو چوڻ آهي ته اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد ذميوار عهدي تي ويهي هڪ مخصوص سياسي جماعت کي پروموٽ ڪري رهيو هو.سڪيورٽي اهلڪارن جو چوڻ آهي ته سموريون سياسي پارٽيون پاڪ فوج جو احترام ڪن ٿيون. فوج آئين جي وفادار آهي،

ننڪانه انٽرچينج ڀرسان سي ٽي ڊي سان مقابلو، 3 دهشتگرد پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا

ننڪانه صاحب:ننڪانه صاحب انٽرچينج ڀرسان سي ٽي ڊي پوليس  سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا آهن. سي ٽي ڊي ترجمان موجب دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ ننڪانه صاحب انٽرچينج ڀرسان انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي ڪئي وئي.

سڄي ملڪ ۾ ڪالهه جش عيد ميلاد النبي ﷺ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

ڪراچي: آخري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي ولادت جو ڏهاڙو ڪالهه مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.شهر، شهر، گهٽيون، گهٽيون، مسجدون، ڊگھيون عمارتون، بازارون ۽ چوراهن سبز جهنڊن جي بهار هئي ،اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا

آئيني ترميم جي معاملي تي اڳڀرائي نه ٿي سگهي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي

اسلام آباد: آئيني ترميم جي منظوري لاءِ آچر تي رات دير تائين جاري رهندڙ قومي اسيمبلي ۽ گذريل ڏينهن 3 ڀيرا وقت جي تبديلي باوجود نه ٿيندڙ  سينٽ جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججز جي ملازمت واري مدي ۾

مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي عملدرآمد نه ڪرڻ جا سنگين نتيجا هوندا: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بئنچ مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ تحريڪ انصاف جي درخواستن تي وضاحت جاري ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي اڪثريتي فيصلو ڏيندڙ ججن وضاحت ۾ چيو آهي ته 12 جولاءِ جي فيصلي ۾ ڪو شڪ شبهو ناهي، سپريم ڪورٽ جو 12

موسمياتي تبديليءَ کان متاثر ملڪن جا قرض معاف ڪيا وڃن، وزيراعظم شهبازشريف

اسلام آباد: وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وڌندڙ غربت ۽ قرض اجتماعيت جي تصور کي داغدار ڪري رهيا آهن، موسمياتي تبديليءَ کان متاثر ملڪن جا بقايا قرض معاف ڪيا وڃن.وزيراعظم شهباز شريف مستقبل بابت گڏيل قومن جي اجلاس کان اڳ ورچوئل ميٽنگ

گنڊاپور جو افغانستان سان ڳالهين جو بيان وفاق تي حملو قرار

اسلام آباد : بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته علي امين گنڊاپور جو افغانستان سان سڌي ريت ڳالهين جو بيان وفاق تي حملو آهي.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خواجا آصف پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته شير افضل مروت پنهنجي تقرير جي آخر ۾ جيڪو چيو

وفاقي سرڪار سپريم ڪورٽ کان ڊيمز فنڊز جي رقم گهري ورتي

اسلام آباد: وفاقي سرڪار سپريم ڪورٽ کان ڊيمز فنڊز جي رقم گهري ورتي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ ديامر، ڀاشا ۽ مهمند ڊيمز فنڊز ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان ٻڌايو ته اسان هڪ گڏيل درخواست داخل ڪئي آهي. ڊيمز فنڊ جا پئسا وفاق ۽ واپڊا کي

افغان بارڊر تان طالبان جي فائرنگ، جوابي ڪارروائي ۾ 16 طالبان مارجي ويا، 27 زخمي، 2 ٽينڪ تباهه

اسلام آباد: افغان سرحد تان طالبان جي پاڪستاني فوجي چوڪين تي فائرنگ ڪئي وئي، جوابي فائرنگ سبب هينئر تائين 16 طالبان مارجي ويا ۽ 27 زخمي ٿي چڪا آهن جڏهن ته طالبان جا 2 ٽينڪ به تباهه ڪيا ويا آهن. سيڪيورٽي ذريعن  ٻڌايو آهي ته افغان طالبان