اسلام آباد: حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور اڄ شروع ٿيندو،قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ بند دروازي جو اجلاس اڄ شام 3:30 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو،خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور به اڄ ٿيندڙ ڳالهين ۾ شريڪ ٿيندو، تحريڪ انصاف اجلاس ۾ پنهنجو چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪندي،ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين ۽ ٻين قيدين جي آزادي جو معاملو اٿاريندي، 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو ويندو،ذريعن موجب حڪومت چارٽر آف ڊيمانڊ جي روشني ۾ پنهنجي منصوبي تي عمل ڪندي.