اسلام آباد: پرڏيهي وزارت جي اڳوڻي ترجمان ممتاز زهره بلوچ کي فرانس ۾ پاڪستان جي سفير مقرر ڪيو ويو آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وفاقي راڄڌاني ۾ صحافين کي بريفنگ دوران ٻڌايو ته ممتاز زهره بلوچ کي فرانس ۾ پاڪستان جي سفير مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ممتاز زهره بلوچ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته سينئر سفارتڪار شفقت علي خان کي پرڏيهي وزارت جو نئون ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي. انهي حوالي سان گذريل ڏينهن نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو هو. رپورٽن موجب شفقت علي خان کي پهريان ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري يورپ مقرر ڪيو ويو هو. انهي کان اڳ هو روس ۾ بطور پاڪستان جي سفير طور مقرر هيو ۽ پولينڊ ۾ به پاڪستاني سفير جي طور تي ڪم ڪري چڪو آهي