اسلام آباد: وفاقي ڪابينه ريڪوڊڪ منصوبي جا 15 سيڪڙو شيئرز سعودي عرب کي وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
اهو معاهدو انٽر گورنمينٽ ٽرانزيڪشن ايڪٽ تحت ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت شيئرز سڌو سنئون سعودي عرب کي 540 ملين ڊالرن ۾ منتقل ڪيا ويندا. جڏهن ته سعودي عرب پاڪستان کي 540 ملين ڊالرز جي رقم ٻن قسطن ۾ ادا ڪندو.
پهرين مرحلي ۾ 10 سيڪڙو شيئرز جي منتقلي تي 330 ملين ڊالرز ادا ڪيا ويندا، جڏهن ته ٻئين مرحلي ۾ 5 سيڪڙو شيئرز جي منتقلي کان پوءِ 210 ملين ڊالرز جي ادائيگي ڪئي ويندي.
سعودي عرب اهي فنڊ بلوچستان جي ترقي ۽ معدنيات جي شعبي کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ اضافي 150 ملين ڊالرز فراهم ڪندو. جڏهن ته سعودي عرب چاغي جي علائقي ۾ معدني وسيلن جي ڳولا ۽ سرمائيڪاري ڪرڻ تي به راضپو ظاهر ڪيو آهي.
ياد رهي ته ريڪوڊڪ منصوبي ۾ وفاقي ۽ بلوچستان حڪومت وٽ گڏيل طور تي 50 سيڪڙو شيئرز آهن جڏهن ته ٻيا شيئرز عالمي ڪمپنين وٽ آهن