بجلي جي قيمت گهٽ ٿيڻ جو امڪان: صارفين کي 4 ارب 89 ڪروڙ جو رليف ملندو

اسلام آباد: بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي جنهن سبب صارفين کي 4 ارب 89 ڪروڙ روپين جو رليف ملندو.

رپورٽ موجب نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) ۾ اين ٽي ڊي سي جي طرفان بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 63 پئسا گهٽ ٿيڻ جي درخواست تي ٻڌڻي چڌيئرمين وسيم مختار جي سربراهي ۾ ٿي، جنهن ۾ اختيارين ٻڌايو ته گذريل مهيني نومبر جو فيول پرائس ڪاٽو 63 پئسن ۾ آهي.

اختيارين نيپرا ۾ ٻڌايو ته ڪاٽو ايف سي اي سان صارفين کي 4 ارب 89 ڪروڙ جو رليف ملي سگهي ٿو. پراڻي ايڊجسٽمنٽس جي مد ۾ اڍائي روپيه آهن. گذريل مهيني جي دوران مقامي ڪوئلي مان پيداوار اضافي رهي ۽ نومبر ۾ 7 ارب 22 ڪروڙ بجلي جا يونٽ پيدا ڪيا ويا. نومبر ۾ پيداواري لاڳت ريفرنس لاڳت جي ويجهو آئي.

اين ٽي ڊي سي اختيارين چيو ته گذريل سال نومبر جي مقابلي ۾ هلندڙ سال نومبر ۾ بجلي وڪرو ۾ گهٽتائي آئي، هلندڙ سال جي نومبر مهيني ۾ گذريل ساڳئي وقت جي مقابلي ۾ گرم ترين مهينو هو. بجلي جي وڪرو ۾ گهٽتائي جو وڏو سبب سولرائزيشن آهي.

چيئرمين نيپرا چيو ته اين ٽي ڊي سي لاهور نارٿ لائن جي تڪميل جي باري ۾ آگاهه ڪري، جنهن تي اختيارين چيو ته ٽرانسميشن لائين جي تڪميل اڃان تائين نه ٿي سگهي آهي. نيپرا چيئرمين پڇاڻو ڪيو ته ڊسمبر ۾ ساڳئي ٽرانميشن لائين جي تڪميل ٿيڻي هئي جنهن تي اختيارين ٻڌايو ته اپريل تائين لاهور نارٿ ٽرانسميشڻ لائن مڪمل ٿيندي. جنهن کان پوءِ نيپرا لاهور نارٿ ٽرانميشن لائين ۾ دير جي باري ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔