هونئن ته پرڻيل ماڻهن ۽ ڇڙن جي زندگي هڪٻئي کان تمام گهڻي مختلف هوندي آهي، ڪيترائي ماڻهو شادي شده زندگي گذارڻ واري عمل کي ترجيح ڏيندا آهن جڏهن ته ڪيترائي وڙي ڇڙن واري زندگيءَ کي پرڻيل ماڻهن جي زندگيءَ کان وڌيڪ بهتر ۽ خوشگوار سمجهندا آهن.
اهي ته ٿيا سڀ ڪنهن جا پنهنجي پنهنجي حساب سان مختلف رايا، پر ٻنهي جي زندگين بابت صحت جا ماهر به مختلف مختلف رايا رکن جيڪي نج تحقيقن، تجربن ۽ مشاهدن جي بنياد تي هوندا آهن.
اهڙي ئي حوالي سان ڇڙن ۽ پرڻيل ماڻهن جي زندگيءَ ۾ هڪ ٻئي موضوع تي به فرق جاچيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اهو فائدو به پرڻيل ماڻهن کي ڇڙن جي ڀيٽ ۾ گهڻو هوندو آهي.
هڪ نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته جيڪي جوڙا گڏجي ڊائٽ ڪندا آهن، انهن جو وزن انهن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ۽ تيزيءَ سان گهٽجي ويندو آهي، جيڪي اڪيلو ڊائٽ ڪندا آهن.
اها تحقيق بورنمائوٿ يونيورسٽي جي ماهرن جي ٽيم ڪئي آهي، جنهن ۾ محققن چيو آهي ته وزن گهٽائڻ جا مشورا شادي شده جوڙن لاءِ وڌيڪ اثرائتا ثابت ٿي سگهن ٿا، ڇو ته ٻئي ساٿي ساڳي قسم جي خوراڪ استعمال ڪندا آهن.
پنهنجي رپورٽ ۾ محققن چيو آهي ته زندگيءَ جي طرز ۾ تبديليءَ جو مقصد انهن ماڻهن ۾ وزن گهٽائڻ آهي، جن جو وزن وڌيڪ آهي، جڏهن ته ڪيترائي جوڙا گڏجي موٽاپي جي خطري کي منهن ڏيندا آهن.
ماهرن وڌيڪ چيو آهي ته اسان جا نتيجا ٻڌائين ٿا ته وزن گهٽائڻ بابت ڊائٽ جون تجويزون جوڙن لاءِ وڌيڪ ڪارائتيون ٿي سگهن ٿيون.
نتيجن مان اهو به ظاهر ٿيو آهي ته جن جوڙن غير صحتمند کاڌن جي عادتن کي ڇڏي گڏجي شروعات ڪئي، انهن جو اوسطاً 2.25 ڪلوگرام وڌيڪ وزن گهٽ ٿيو.
رپورٽ "نيوٽريشن اينڊ هيلٿ” جي جرنل ۾ شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جن جوڙن گڏجي ۽ ساڳئي قسم جون ڪيلوريز سنڀاليندي وزن گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن جو وزن انهن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ نمايان طور گهٽ ٿيو، جيڪي اڪيلو صحتمند زندگيءَ تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.