براؤزنگ تازہ ترین
تازہ ترین
ترقي جي اهل آفيسر کي ريٽائرمينٽ کان پوءِ به پروموشن ڏئي سگهجي ٿي: سپريم ڪورٽ
اسلام آباد: سپريم ڪورٽ سرڪاري ملازمن جي ترقي بابت ڪيس جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر 5 صفحن تي ٻڌل فيصلو لکيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته درخواست ڏيندڙ پوليس سروس جو سينئر آفيسر هو جيڪو 3 ڀيرا ترقي کان محروم رهيو.!-->…
حڪومتي موقف رد،کنڊ جي درآمد تي ٽيڪس ڇوٽ تي خدشا برقرار
اسلام آباد: بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کنڊ جي درآمد تي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻ تي خدشا ظاهر ڪيا آهن.ذريعن موجب، آءِ ايم ايف تحفظات جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته اهڙا قدم 7 ارب ڊالر جي قرض پروگرام تي اثر انداز ٿي سگهن ٿا. حڪومت آءِ ايم!-->…
پي ٽي آءِ حڪومت سان نه اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي: راڻا ثناءُالله
اسلام آباد: وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت سان ڳاهيون ڪرڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي، اهي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ چاهين ٿا.
نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته پي ٽي آءِ!-->!-->!-->…
ڀارت سان ملٽري ٽو ملٽري سيز فائر هلي پيو پر ڀارتي سياستدانن کي هضم نه پيو ٿي: اسحاق ڊار
ڪوالالمپور: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي فوجي سطح تي جنگ بندي سٺي نموني هلي رهي آهي پر ان کي هندستان جي سياسي قيادت هضم نه پئي ڪري، ملائيشيا جي گادي واري هنڌ ڪوالالمپور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق!-->…
سموري ملڪ ۾ سانوڻي جي برسات جو سلسلو جاري، مختلف حادثن ۾ 11 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي
اسلام آباد: سموري ملڪ ۾ سانوڻي جي برسات جو سلسلو شدت اختيار ڪري ويو آهي، لاهور ۾ صبح سوير طوفاني برسات زندگي جو نظام درهم برهم ڪري ڇڏيو، ڪيترائي روڊ پاڻي ۾ ٻڏي ويا، جڏهن ته ٽريفڪ جي روانگي به سخت متاثر ٿي آهي.
اسلام آباد، راولپنڊي،!-->!-->!-->…
صدر جي تبديلي واري مهم بدنيتي تي ٻڌل آهي، محسن نقوي
اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي خميس ڏينهن صدر آصف علي زرداري کان استعيفيٰ وٺڻ بابت افواهن کي سختي سان رد ڪندي ان کي ”بدنيتيءَ تي ٻڌل مهم“ قرار ڏنو آهي. نقوي سوشل ميڊيا پليٽفارم X تي لکيو ته: ”اسان کي مڪمل ڄاڻ آهي ته صدر آصف علي!-->…
300 ارب جي ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ وارو وفاق جو فيصلو بدنيتي قرار
اسلام آباد: آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي رپورٽ تصديق ڪئي آهي ته وفاقي حڪومت جو 300 ارب رپين جي ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو فيصلو بدنيتي تي ٻڌل ۽ غير معتبر ڊيٽا تي ٻڌل هو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مالي سال 2023-24 ۾ ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو فيصلو وفاقي ۽ صوبائي!-->…
حوالو هنڊي ۾ ملوث وڏن ماڻهن تي هٿ وڌو ويندو: محسن نقوي
ڪراچي : وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته حوالا هنڊي ۾ ملوث وڏن ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايف آءِ اي ڪراچي زون جو دورو ڪيو جتي هن هڪ اجلاس جي صدارت پڻ ڪئي ۽ ان دوران هن حوالا هنڊي مافيا خلاف اثرائتي ڪريڪ ڊائون جو!-->…
پاڪ ڀارت جنگ دوران ٻاهرين مدد جو الزام ڪوڙو آهي، فيلڊ مارشل عاصم منير
راولپنڊي : آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته ٻين ملڪن کي ٻطرفي فوجي تڪرار ۾ شامل ڪرڻ هندستان جي هڪ ناقص سياسي ڪوشش آهي. آپريشن بنيان المرصوص ۾ پاڪستان جي ڪاميابي لاءِ هندستان جي ٻاهرين مدد جا الزام حقيقتن جي ابتڙ آهن،ڪنهن به غلط!-->…
قوم کي سيڪيورٽي فورسز تي فخر آهي، فتنته الهندستان جا ارادا ناڪام بنائڻ تي صدر ۽ وزيراعظم جو پيغام
اسلام آباد: صدر آصف علي زرداي، وزيراعظم ۽ وفاقي گهرو وزير فتنته الهندوستان جي ناپاڪ ۽ دهشتگردانه ارادن کي ناڪام بنائڻ تي پاڪ فوج جي ڪارروائين جي تعريف ڪندي چيو آهي ته قوم کي پنهنجي سيڪيورٽي فورسز تي فخر آهي.
صدر آصف علي زرداري اتر!-->!-->!-->…