اسلام آباد: سموري ملڪ ۾ سانوڻي جي برسات جو سلسلو شدت اختيار ڪري ويو آهي، لاهور ۾ صبح سوير طوفاني برسات زندگي جو نظام درهم برهم ڪري ڇڏيو، ڪيترائي روڊ پاڻي ۾ ٻڏي ويا، جڏهن ته ٽريفڪ جي روانگي به سخت متاثر ٿي آهي.
اسلام آباد، راولپنڊي، گوجرانوالا، فيصل آباد، سيالڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، پنجاب جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا جڏهن ته نيڪال جي ناقص انتظامن شهرين جي لاءِ پريشانيون وڌائي ڇڏيون آهن.
قصور ۾ ڪرنٽ لڳڻ جي مختلف واقعن ۾ 2 ٻار ۽ هڪ عورت فوت ٿي وئي، ٻين علائقن ۾ آسماني کنوڻ ڪرڻ ۽ برسات سان جڙيل حادثن ۾ گڏيل طور تي 11 قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون.
بلوچستان جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ به کنوڻ سان برسات جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت لتستان ۾ تيز برسات سبب ندي نالن ۾ چاڙهه ۽ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.
ڪراچي ۾ رات دير سان مختلف علائقن ۾ برسات پئي، گلشن حديد، نيشنل هاءِ وي ۽ ڏوراهين علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو جو سلسلو جاري آهي.