حميرا جو لاش 6 مهينا پراڻو، آخري ميسج ٽيڪسي ڊرائيور جو هو

ڪراچي : ڪراچي جي ڊفينس فيز 6 علائقي مان اداڪاره حميرا اصغر جي لاش ملڻ کان پوءِ شروع ڪيل جاچ جي نتيجي ۾ نئين معلومات سامهون اچي رهي آهي.ان حوالي سان ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا چيو آهي ته لاش شايد 6 مهينا پراڻي آهي، فليٽ ۾ مليل کاڌي پيتي جي شين تي ايڪسپائري ڊيٽ 2024 آهي.ڊي آءِ جي سائوٿ چيو ته اداڪاره جي فون ريڪارڊ ۾ آخري پيغام به آڪٽوبر 2024 جا آهن، اداڪاره جي موبائل فون ۾ آخري پيغام هڪ آن لائن ٽيڪسي ڊرائيور جو آهي. هن چيو ته اداڪاره جي گهر ۾ بجلي به ڪافي عرصي کان بند هئي، حميرا اصغر جو فليٽ جي مالڪ سان آخري رابطو به 2024 ۾ ٿيو هو.اسد رضا چيو ته وڌيڪ جاچ لاءِ پوسٽ مارٽم رپورٽ جو انتظار آهي، جنهن ۾ هڪ کان ٻه ڏينهن لڳي سگهن ٿا. قانوني ڪارروائي کان پوءِ لاش کي ڪولڊ اسٽوريج ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ جي سائوٿ چيو آهي ته خاندان اڄ لاش وصول ڪرڻ لاءِ مرده خاني پهچندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔