براؤزنگ خاص خبرون

خاص خبرون

آمريڪا ۽ ايران ۾ معاهدو 24 ڪلاڪن ۾ ٿي ويندو، شهباز شريف، آچر تي نه ٿيندو، بقائي

تهران : ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته مفاهمت جي ياداشت تي اڃا تائين صحيحون نه ٿيون آهن، ان ۾ 14 نقطا هوندا، ۽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ ان کي حتمي شڪل ڏني ويندي، ته عوام کي هر تفصيل کان آگاهه ڪيو ويندو.ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي، ايراني…

پگهاردار هيٺين طبقي کي سبسڊي ڏيڻ اهم مقصد آهي، ڪيترن ئي شعبن کي رليف ڏئي رهيا آهيون: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد: وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته نئين مالي سال ۾ پگهاردار هيٺين طبقي کي سبسڊي ڏيڻ اهم مقصد آهي، بجيٽ ۾ ڪيترن ئي شعبن کي رليف ڏنو ويو آهي. اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ، ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني،…

وزيراعظم هڪ دفعو ٻيهر اپوزيشن کي ميثاق جمهوريت ۽ ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:  وزيراعظم شهباز شريف هڪ دفعو ٻيهر اپوزيشن کي ميثاق جمهوريت ۽ ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شهباز شريف چيو ته 3 ڏينهن اڳ 22 جوان شهيد ٿيا، آفيسر ۽ جوان پنهنجن ٻارن کي يتيم ڪري ويندا آهن، ڪروڙين…

ڪابينا ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد : وفاقي ڪابينا ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 7 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، جنهن دوران ڪابينا ايندڙ مالي سال جي بجيٽ…

ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ 25 ارب روپين جي ترقياتي پيڪيج تي اتفاق

اسلام آباد:  وزيراعظم شهباز شريف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مطالبي تي ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ ترقياتي پيڪيج جي حامي ڀري ورتي آهي.ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر فاروق ستار،…

ڀارتي گلوڪار گرو رندھاوا هڪ نئين ڏکيائيءَ ۾ ڦاسي ويو

ممبئي :  ڀارتي گلوڪار گرو رندھاوا هڪ نئين ڏکيائيءَ ۾ ڦاسي ويو آهي، سندس فٽنيس جم تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، دهليءَ جي علائقي پشم وهار ۾ واقع گرو رندھاوا جي فٽنيس فرنچائز جي جم کي نامعلوم هٿياربندن فائرنگ…

فٽبال ورلڊ ڪپ: ڏکڻ ڪوريا هٿان چيڪ ريپبلڪ کي شڪست

لنڊن : فٽبال ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ ڏکڻ ڪوريا چيڪ ريپبلڪ (چيڪ جمهوريه) کي ٻه – هڪ (1-2) تان شڪست ڏئي ڇڏي.فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ ڏکڻ ڪوريا ۽ چيڪ ريپبلڪ جي وچ ۾ ٿيندڙ ميچ جي پهرين هاف ۾ ٻنهي ٽيمن مان ڪا به گول نه ڪري سگهي.ٻئي هاف ۾ پهريان چيڪ ريپبلڪ…

لنڊن ۾ فوجي مشقن ۾ پاڪ فوج پهرين پوزيشن ماڻي ورتي

راولپنڊي:برطانيا ۾ منعقد ٿيل هڪ عالمي فوجي مشق يعني ڊرل جي مقابلي ۾ پاڪستان آرمي جي ٽيم پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ چيو ته: “اعليٰ ڪارڪردگي جو شاندار مظاهرو ڪندي، پاڪستان آرمي جي ٽيم، جنهن جي نمائندگي…

’اسلام آباد معاهدو‘ آخري مرحلن ۾، صحيحون جنيوا ۾ ٿينديون، عراقچي سڀاڻي اسلام آباد ايندو

تهران : سي اين اين سفارتي ذريعن جي حوالي سان رپورٽ ڪيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا ۾ عبوري معاهدي جي متن تي گهڻي ڀاڱي اتفاق ٿي ويو آهي. جنهن موجب 60 ڏينهن تائين سڀني محاذن يعني لبنان سميت جنگبندي وڌائي ويندي، هرمز لنگهه کوليو ويندو، آمريڪا…

پاڪستان سميت دنيا ۾ فيس بڪ جي سروس متاثر، واهپيدار پريشان

اسلام آباد : پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارم فيس بڪ جي سروس متاثر ٿي وئي آهي، جنهن جي ڪري واهپيدارن (صارفين) کي مشڪلاتن جو سامھون ڪرڻو پئجي رهيو آهي.واهپيدارن موجب، کين ميٽا جي ذيلي پليٽ فارم فيس بڪ تي پيغام (ميسيجز) موڪلڻ…