راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ تيز برسات، هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ، لئي نالي ۾ پاڻي جي سطح بلند

اسلام آباد:  اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ صبح سوير کان وقفي وقفي سان جاري تيز برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا جڏهن ته لئي نالي ۽ برساتي نالن ۾ پاڻي جي سطح مسلسل بلند ٿي رهي آهي.

ضلعي انتظاميه رين ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، واسا سميت لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رکيو ويو آهي. فلڊ ڪنٽرول روم موجب لئي نالي  بيسن ۾ 54.51 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪچهري چڪلالا ۾ سڀني کان وڌيڪ 103 ملي ميٽر برسات پئي، شمس آباد ۾ 71، سيد پور وليج ۾ 67، پي ايم ڊي ايڇ 8 ۾ 63، پيرودهاني ۾ 60، نيو ڪٽاريان ۾ 58، گولڙه ۾ 51 ۽ بوکهڙا ۾ 41 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

لئي نالي ۾ ڪٽاريان واري هنڌ تي پاڻي جي سطح 10 فٽ جڏهن ته گوالنڊي ۾ 9 فٽ رڪارڊ ڪئي وئي جنهن کان پوءِ گوالمنڊي تي پري الرٽ لاڳو ڪيو ويو. انتظاميه موجب ڪٽاريان تي پاڻي جي سطح 11.4 فٽ تائين پهچڻ تي پري الرٽ جاري ڪيو ويندو. جڏهن ته لئي نالي ۽ ٻين برساتي نالن جي مسلسل نگراني جاري آهي.

تيز برسات سبب صادق آباد، ڊهوڪ، کهبه، ڊهوڪ الاهي بخش، آريه محله، نديم ڪالوني، پيرودهاني، فوجي ڪالوني، ڊهوڪ، حسو ۽ پيپلز ڪالوني سميت ڪيترن ئي هيٺاهين وارن علائقن ۾ 3 کان چار فٽ تائين پاڻي جمع ٿي ويو جڏهن ته ڪيترن ئي گهرن ۾ به پاڻي داخل ٿي ويو. ڪميٽي چوڪ، ڪچهري چوڪ، رحيم آباد انڊر پاس، مري روڊ، مال روڊ، پشاور روڊ، صدر  ۽ ٻين اهم روڊن تي به پاڻي بيهڻ سبب ٽريفڪ سخت متاثر ٿي.

اسلام آباد جي علائقي بهاره کهو ۾ تيز برسات کان پوءِ ڪيترن گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو جنهن سبب حشرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو آهي. گهٽيون ۽ روڊ پاڻي هيٺ اچڻ سان معمول جي زندگي متاثر  ٿي وئي جڏهن ته گهرن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ سبب گهريلو سامان کي به نقصان پهتو.

متاثر رهواسين جو چوڻ آهي ته هر ڀيري برسات کان پوءِ ساڳئي  صورتحال پيدا ٿيندي آهي پر اڄ تائين انهي مسئلي جو مستقل حل نه نڪري سگهيو آهي. شهري پنهنجي مدد پاڻ جي تحت گهرن مان پاڻي ڪڍڻ ۾ مصروف آهن. جڏهن ته ضلعي انتظاميه ۽ سي ڊي اي طرفان اڃان تائين امدادي ڪارروايون شروع نه ڪيون ويون آهن.

ٻئي طرف راولپنڊي جي مصريال روڊ، فرينڊر ڪالوني ۾ برسات جي دوران هڪ ٻار نالي ۾  ٻڏي ويو، ريسڪيو 1122 جون ٽيمون فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ ٻار جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو. ريسڪيو ترجمان موجب اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته ٻار کيڏندي نالي ۾ ڪري ٻڏي ويو هو. ايم ڊي واسا عزيزالله خان ٻڌايو ته برسات کي نظر ۾ رکندي واسا جو عملو ۽ هيوي مشينري لياقت باغ، ڪميٽي چوڪ، انڊر پاس، مري روڊ، صادق آباد ۽ ٻين حساس هنڌن تي مقرر آهي. فيلڊ آفيسر پاڻي جي نيڪال واري عمل جي پاڻ نگراني ڪري رهيا آهن جيئن شهرين کي گهٽ کان گهٽ پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي.

تبصرے بند ہیں۔