براؤزنگ موسم

موسم

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مٽي جو طوفان ۽ برسات ،گرمي جو زور ٽٽي ويو

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مٽي جي طوفان ۽ برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو، جڏهن ته مختلف فيڊر ٽرپ ٿيڻ ڪري ڪيترن ئي علائقن جي بجلي بند ٿي وئي. حيدرآباد، لاڙڪاڻي، قمبر، وارهه، گاجي کهاوڙ، ڄام نواز علي، جوهي، ڪي اين شاهه، شهدادڪوٽ، قبو سعيد خان

موسميات کاتي پاران اڄ رات کان سنڌ ۾ چوماسي جي برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي : موسميات کاتي اڄ رات کان سنڌ ۾ چوماسي جي برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي، موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر موجب اڄ رات بدين ٺٽو، ميرپور خاص ۾ ڪٿي هلڪي ۽ ڪٿي تيز برسات جو امڪان آهي. سنڌ ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. موسميات

اسلام آباد سميت ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ چوماسي جي برساتن جي شروعات

اسلام آباد: اسلام آباد سميت ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ چوماسي جي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. چوماسي جي برساتن جي نتيجي ۾ ڇنڇر ۽ آچر تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ندي نالن ۽ وڏن شهرن ۾ اربن فلڊنگ جو امڪان آهي. جڏهن ته ان دوران ڪشمير،

ڪراچي ۾ اڄ موسم گرم، ايندڙهفتي برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي: سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ اڄ موسم گرم رهندي ،موسميات کاتي ايندڙ هفتي کان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي شهر ۾ اڄ گرمي جو درجو 36 کان 38 سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ موسم گرم رهندي.

گرمي جي ستايلن لاءِ خوشخبري، 6 جولاءِ کان برساتي سسٽم سنڌ ۾ داخل ٿي ويندو

ڪراچي : سنڌ ۾ گرمي جي ستايلن لاءِ هڪ خوشخبري اچي وئي آهي ، موسميات کاتي چيو آهي ته 6 جولاءِ کان برساتي سسٽم سنڌ ۾ داخل ٿي ويندو، ڊائريڪٽر موسميات سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته ٿر، بدين، ٺٽو، حيدرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ تيز برسات جو امڪان آهي،

سنڌ ۾ قهر جي گرمي ،بجلي بند، شهرين جو ساهه مُٺ ۾

ڪراچي : سنڌ ۾ قهر جي گرمي دوران بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ شهرين جو ساهه مُٺ ۾ ڏئي ڇڏيو، لاڪ ڊائون ۾ کليل ڪاروبار به ٺپ ٿيڻ سبب دڪاندارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا، اڪثر شهرن ۾ بجلي بندش سبب پاڻي جي بحران به ڪرکنيو، هالاناڪه وٽ هاءِ ووليٽيج تار

سنڌ سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ برسات جِي اڳڪٿي

ڪراچي : سنڌ سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ اڄ کان چئن ڏينهن تائين مٽي جَي طوفان ۽ برسات جِي اڳڪٿي، اين ڊي ايم اَي پاران پي ڊي ايم اي، اين ايڇ اي ۽ ٻين ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت، موسيمات کاتي موجب سکر، لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ مٽي جي

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهيو

اسلام آباد: ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ موسم خشڪ ۽ گرم رهيو. موسميات کاتي موجب سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ اڄ موسم خشڪ ۽ گرم رهيو. جڏهن ته اتر پنجاب، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ موسم جهڙالو رهيو. ان کان علاوه کنوڻ سان

ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ گرمي جي لهر،پارو40 تائين پهچي ويو

ڪراچي: سنڌ ۾ گرمي جي لهر جاري آهي ، موسميات کاتي پاران سامونڊي هوائون بند ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ گرمي وڌڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ، موسميات کاتي چيو آهي ته گرمي پد 40 سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي، جنهن کان پوءِ هيٽ ويوَ پيدا ٿيندو، ٻن

ڪراچي ۾ ٻئي وچولي درجي جي هيٽ ويو جا امڪان

ڪراچي:ڪراچي ۾ ٻئي وچولي درجي جي هيٽ ويو جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته هيٽ ويو ٻن ڏينهن تائين جاري رهندو. سامونڊي هوائون بند ٿي وينديون ۽ گرمي پد 42 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو پر ان جي شدت وڌيڪ هوندي.موسميات کاتي