سنڌ ۾ برسات جو سلسلو 17 جولاءِ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

ڪراچي: موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ مون سون برسات جو پهريون اسپيل شروع ٿي ويو آهي، شهر ۾ وقفي وقفي سان ڪڏهن تيز ته ڪڏهن هلي برسات جو سلسلو 16 جولاءِ تائين رهڻ جو امڪان آهن، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اعتدال واري مون سون هوائون هيٺين عربي سمنڊ سنڌ ۾ داخل ٿي رهيون آهن، عربي سمنڊ جي اوڀر ۾ هوا جو هڪ گهٽ دٻاءُ موجود آهي، هوا جي دٻاءُ جي ڪري مون سون هوائون سنڌ ۾ داخل ٿي رهيون آهن، جنهن جو اثر سنڌ جي هيٺاهين ضلعن ۾ 16 جولاءِ تائين گجگوڙ ۽ سان گڏ برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته مٿانهين ۽ سينٽرل سنڌ ۾ 17 جولاءِ تائين وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهي سگهي ٿو، ڪراچي سوڌو سنڌ ۾ برسات جو پاڻي هيٺاهين علائقن ۾ جمع ٿي سگهي ٿو، ڪراچي ۾ گرمي پد 32 کان 34 ڊگري جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔