نيب ڪيس رڳو سياسي مخالفن کي دٻائڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن، شاهد خاقان عباسي

ڪراچي : نواز ليگ اڳواڻ شاھد خاقان عباسي چيو آھي تھ نيب جَي ڪري پاڪستان کي هزارين ارب رپين جو نقصان پهتو، نيب چيئرمين نون ليگ اڳواڻن جي ضمانت بابت عدالتي فيصلا پڙهي وٺي، اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ميڊيا سان ڳالھائيندي وڌيڪ چيو تھ نيب ڪيس رڳو سياسي مخالفن کي دٻائڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن، نيب چيئرمين ٻڌائي ته هو ڪنهن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي؟، آزاد ڪشمير جون چونڊون 25 جولاءِ تي ئي ٿينديون، ملڪ ۾ عام چونڊون به ساڳئي ڏينهن تي ٿيون هيون، دعا آهي ته تاريخ پاڻ کي نه ورجائي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔