سليڪٽيڊ کي عوام مٿان مڙهيندڙن ملڪ ۽ پنهنجي اداري کي نقصان پهچايو: مريم نواز

ڪراچي : نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آھي تھ سليڪٽيڊ کي عوام مٿان مڙهيندڙن ملڪ ۽ پنهنجي اداري کي نقصان پهچايو، اڄ سليڪٽرز تي آڱريون کڄي رهيون آهن، عمران خان صاحب! اوهان ۽ سليڪٽرز جو بيانيو منهن ڀَر زمين تي ڪري پيو آهي، هاڻ وڌيڪ ظلم بدران پنهنجي اعمالن تي معافي وٺو، نواز ليگ جِي نائب صدر مريم نواز آزاد ڪشمير جي علائقي ليپه ۾ جلسي کي خطاب ڪيو، مريم نواز چيو ته نيازي نيب ڳٺ جوڙ سبب اپوزيشن انتقام جو نشانو بڻجي رهي آهي، عمران خان سرڪار عوام کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي، نواز شريف ڊڄڻ وارو ناھي، نواز شريف ڌرتي جو پٽ آھي، ڪشمير جي عوام نواز ليگ جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو آھي، عمران خان آزاد ڪشمير اچڻ جي زحمت نھ ڪري، ھاڻ سليڪٽڊ نھ ھلندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔