گورنر سنڌ جو ڪم سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ ناهي: مرتضيٰ وھاب

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وھاب چيو آھي تھ ڪراچي ۾ اختيارن جو راڳ الاپڻ وارو وقت گذري ويو، هاڻ شهر جا مسئلا حل ٿيندا، گذريل برساتن مان گهڻو ڪجهه سکيو، هاڻ صورتحال بهتر آهي، سنڌ حڪومت جَي ترجمان مرتضيٰ وهاب ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ گورنر سنڌ جو ڪم سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ ناهي، ڇا اڄ ڪنهن گورنر سنڌ کي ڪراچي ۾ ڏٺو آهي؟، ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت ڪم ڪري رهي آهي، ڪي ايم سي کي نالن جي صفائي لاءِ 25 ڪروڙ رپيا ڏنا آهن، گورنر سنڌ ۽ وفاقي وزير رڳو تنقيد ۾ رڌل آهن، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي طور مقرري بابت سوال تي مرتضيٰ وهاب چيو ته هو 3 سالن کان سرگرم آهي، ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ سندس اوليت آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔