نيب پاران اڳوڻي وفاقي وزير حفيظ شيخ، ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين عبدالله يوسف ۽ ٻين خلاف ريفرنس جي منظوري

ڪراچي: نيب ڪراچي جي ريجنل بورڊ جي اجلاس ۾ اڳوڻي خزاني واري وزير حفيظ شيخ، ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين عبدالله يوسف، سلمان صديق، لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي جي اڳوڻي ميمبر غلام مصطفي ڦل، اڳوڻو ڊي سي آصف ميمڻ ۽ ٻين خلاف ريفرنس جي منظوري ڏني وئي. ڊي جي نيب نجف قلي مرزا جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ 2 ريفرنس ۽ 2 شڪايتن تي انڪوائري جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي جي اڳوڻي ميمبر غلام مصطفي ڦل، اڳوڻي ڊي سي آصف ميمڻ ۽ ٻين خلاف اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري معاملي تي ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. نيب موجب جوابدارن سرڪاري زمين سستي اگھ تي الاٽ ڪئي ۽ سرڪاري خزاني کي ڪروڙن جو نقصان ڏنو. اجلاس ۾ اڳوڻي خزاني واري وزير حفيظ شيخ، ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين عبدالله يوسف، سلمان صديق ۽ ٻين خلاف به ريفرنس جي منظوري ڏني وئي، نيب موجب جوابدارن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو۽ قومي خزاني کي 11.125 ملين ڊالرز جو نقصان ڏنو.اجلاس ۾ اڳوڻي ڊي سي فياض سولنگي ۽ ٻين خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني وئي.اجلاس ۾ ٿاڻي بولا خان ۾ زمينن جي رڪارڊ ۾ ھيراڦيري ڪرڻ تي روينيو آفيسرن خلاف داخل ٿيل ريفرنس ۾ جوابدار نظيراحمد جي پلي بارگين واري درخواست منظور ڪئي وئي، نيب جو چوڻ آهي ته جوابدارن زمين جي رڪارڊ ۾ ھيراڦيري ڪئي ھئي، ريفرنس عدالت ۾ ھلندڙ آھي، اجلاس ۾ ايم ايس بليڪ اسٽون ڊولپرز خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي، نيب موجب بلڊر خلاف 100 شڪايتون مليون، بلڊر پتل اوينيو ھائوسنگ پروجيڪٽ ۾ وڏي پئماني تي فراڊ ڪيو، جوابدارن ماڻھن کي پلاٽ نه ڏنا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔