سنڌ جَي مختلف شهرن ۾ برسات، ڪوهستان ۾ نيون وهي آيون، بجلي جو نظام ڊانوان ڊول

ڪراچي: سنڌ جَي مختلف شهرن ۾ وسڪاري کانپوءِ موسم خوشگوار ۽ بجلي جو نظام ڊانواڊول ٿي ويو، ڪوهستان ۾ بعد نيون وهي آيون، ڪراچي، ميرپورخاص، ٽٺو، ٽنڊو محمد خان، عمرڪوٽ، ٽنڊو ڄام، سجاول، ميرپور بٺورو، شهدادپور ۽ دڙو ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، ڪوٽڙي، ڄام شورو، مانجهند، عمرڪوٽ، ننگر پارڪر، ڪنري ۽ ٻين علائقن ۾ به ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات سبب بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، ڪوهستان ۾ وسڪاري بعد نيون وهي آيون ۽ ڳوٺ مهندا پالاري ۾ ندي وهڻ سبب مرجهايل چهرا مرڪي پيا، ڳوٺاڻن طرفان دهل وڄائي خوشي جو اظهار ڪيو ويو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رات کان هن وقت تائين هلندڙ برسات سبب اڪثر علائقن جي بجلي بند پيل آهي، ڊفينس، ڪلفٽن، صدر، ڪورنگي، اورنگي ٽائون نارٿ ناظم آباد، لياري، گلشن حديد، گلشن اقبال ۽ ٻين علائقن ۾ بجلي بحال نه ٿي سگهي، هوڏانهن حيدرآباد ۾ حالي روڊ، گرونگر، لياقت ڪالوني ۽ سحرش نگر سميت هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، ۽ ڪترن علائقن ۾ رات کان بند ٿيل بجلي بحال نه ٿي، ٺٽي، مڪلي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن شھرن ڇتو چنڊ، چليا، ڪينجھر، سونڊا، جھرڪ ۽ ڪوھستان جي شھرن جھمپير، جنگشاھي، ساڏورو، برادآباد سميت ٻين شھرن ۾ چوماسي جي برسات جو سلسلو ڪٿي تيز ڪٿي ھلڪو جاري آهي، برسات جي وسڪاري سبب ٺٽي شھر جي شاھي بازار سميت ٻين ھيٺاهين وارن علائقن جي ھنڌن تي پاڻي بيھجي ويو ويو. بي سرروڊ جي مختلف علائقن ۾ سانوڻي جي پهرين برسات موسم خوشگوار ٿي وئي، برسات سبب آبادگار توڙي مالوند ماڻهن ۾ خوشي جي لهر پکڙيل آهي جڏهن ته گذريل 12 ڪلاڪن کان مختلف علائقن ۾ بجلي نه معطل رهواسي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا. ڪوٽڙي ۾ سانوڻي موسم جي پهرين برسات ۾ ئي شهر جا مين گٽر نالا اٿلي پيا، خدا جي بستي جو مک قبرستان گٽرن جي پاڻي هيٺ ٻڏي ويو، ڊرينيج جو ناڪار انظام هجڻ ۽ گٽرن جي صفائي نه هجڻ ڪري شهر جي مختلف علائقن جو پاڻي بستي قبرستان ۾ ڪاهي پيو ، قبرستان ۾ پاڻي گڏ ٿيڻ تي شهري قبرستان تي گڏ ٿي ويا ۽ انتظاميا غائب ٿي وئي، ميرپور ساڪري ۽ آس پاس وارن ننڍن وڏن شھر ۾ سانوڻي برسات جو تيز وسڪاري جي ڪري مارو ماڻهن جي منهن تي مرڪون موٽي آيون، پر بجليَ جو نظام درھم برھم ٿي ويو، ٽڊو محمد خان شھر ۽ ڀرپاسي گذريل رات کان گجگوڙ سان پوندڙ برسات سبب روڊن ۽ رستن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي، بجلي جاسمورا فيڊر بند ھئڻ ڪري بجلي جي سپلاءِ اڃا تائين بحالن نه ٿي سگھي، جھول شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز طوفاني بارش شروع ٿيڻ سان ئي بجلي جو نظام درهم برهم ۽ هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، پنگريو ۽ آسپاس ھڪ کان زوردار برسات جو وسڪارو ھيٺائين وارا علائقي پاڻي ھيٺ اچي ويا، سنجرچانگ ۽ ان جي ڀر پاسي جي علائقن ۾ برسات جو وسڪارو شروع ٿي ويو ۽ موسم خوشگواربڻجي وئي، ٽنڊوباگو: ٽنڊوباگو شهر ۾ هڪ ڪلاڪ کان وٺي ھلندڙ تيز برسات سبب ٽنڊوباگو شهر جي شاهي بازار سميت وارڊ نمبر 1 شيدي محله، وارڊ نمبر 2 مير محله ۽ وارڊ نمبر 3 غريب آباد محلي جي ھيٺائين وارا علائقا برساتي پاڻي جي هيٺ اچي ويا آهن. ٽنڊو غلام حيدر ڀرپاسي واري علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات جو وسڪارو جاري آهي، موسم خوشگوار ۽ بجلي جو نظام رات کان وٺي ڊانوان ڊول ٿي ويو، عمرڪوٽ ۾برسات سبب موتي چوڪ روڊ کان پاڻي آھستي آھستي سول اسپتال عمرڪوٽ جي احاطي ۾ جمع ٿيڻ لڳو، برساتي پاڻي داخل ٿيڻ سبب اسٽاف ۽ مريضن سان گڏ آيل ماڻھو پريشانين جو شڪار ٿي ويا، سنڌڙي، ھنڱورنو، ڦلھڏيون ۾ تيز برسات جو وسڪارو، گرمي جو زور ٽٽي ويو، فصلن ۾ بھاري اچي وئي، بجلي ۽ موبائيل سروس غائب ٿي وئي. ملڪاڻي شريف ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ رات کان وٺي وقفي وقفي تيز ۽ هلڪي برسات جو سلسلو جاري آھي سوڪهڙي جي شڪار ٿيل فصلن کي برسات فائديمند ثابت ٿيڻ لڳي موسم خوشگوار گرمي جو زور ٽٽي ويو آسمان بادلن سان ڍڪيل آهي، جھڏو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رات کان شروع ٿيل برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي، جڏهن ته 12 ڪلاڪ کان بجلي بند آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔