موسميات کاتي سڀاڻي کان ڪراچي ۾ سخت گرمي جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي: موسميات کاتي ڪراچي ۾ جمعي کان 3 ڏينهن گرمي جي نئين لهر جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته هيٽ ويو جو امڪان نه آهي.

موسميات کاتي جي ارلي وارننگ سينٽر شهر ۾ گرمي جي نئين لهر جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي. جنهن موجب جمعو 23 اپريل کان   آچر 25 اپريل جي دوران شهر ۾ موسم سخت گرم رهندو. ان دوران وڌ کان وڌ گرمي پد 38 کان 40 ڊگري تائين وڌي سگهي ٿو. اسسٽنٽ ميٽرولوجسٽ غلام حسين چنه طرفان جاري ايڊوائزري موجب ڏينهن جي وقت سامونڊي  هوائون بند رهنديون. پر شام جي وقت سمنڊ جون  هوائون بحال ٿيڻ جو امڪان آهي.

گرمي جي لهر دوران اتر ۽ اوڀر ۾ گرم خشڪ هوائون شهر تي اثر انداز رهنديون. موسميات کاتي جي ترجمان سردار سرفراز موجب گرمي جي نئين لهر دوران هيٽ ويو جا امڪان نه آهن. هن وڌيڪ چيو ته گرمي جي لهر دوران شهرين کي احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ لازمي آهي. خاص ڪري صبح جو 11 وڳي کان شام 4 وڳي تائين اس کان بچڻ ضروري آهي.

موسميات کاتي موجب اربع تي به مختصر وقت جي لاءِ سامونڊي  هوائون متاثر  ٿيون. موسميات کاتي موجب  ڪراچي ۾ اربع تي شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 35.1 ڊگري، جڏهن ته گهٽ کان گهٽ 26.5 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔