سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو سمورو ڪاروهنوار 2 مهينن تائين معطل

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو سمورو ڪاروهنوار 2 مهينن تائين معطل ڪري ڇڏيو، جسسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس محمد سليم جيسر تي مشتمل ڊويزن بئنچ ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين نورمحمد جادماڻي ۽ سيڪريٽري عطاءُالله شاهه سميت لاڳاپيل عملدار پيش ٿيا، عدالت عملدارن کي چيو ته اوهان کي 40 ڪيسن ۾ بار بار هدايتون ڏنيون آهن ته ملازمت لاءِ انٽرويو ڏيندڙ اميدوارن جون پاس توڙي فيل مارڪون لکيون وڃن پر اوهان ڪو به عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيو، نور محمد جادماڻي عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته اسان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي رولز تحت انٽرويو وٺون ٿا، ان رول مطابق پاس ٿيندڙ اميدوارن کي نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون، جسٽس ذوالفقار احمد خان چيئرمين کان سوال ڪيو ته اوهان 76008 رول نمبر رکندڙ اميدوار جي ٽيسٽ بابت مارڪون ٻڌايو، جنهن تي ڪيتري دير تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا عملدار عدالت کي ان رول نمبر جون مارڪون ٻڌائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا، عدالت چيو ته اوهان نئين پاليسي گهڻن ڏينهن ۾ ٺاهيندا؟، عملدارن چيو ته ٻه مهينا مهلت ڏيو، جنهن تي عدالت حڪم ڏنو ته پوءِ ٻن مهينن تائين ڪو به انٽرويو ڪا ٽيسٽ يا ڪا به مقرري نه ڪئي ويندي. عدالت معافي وٺڻ بعد چيئرمين جا وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا ۽ سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي تائين ٻيهر معطل رهڻ جو حڪم ڏنو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔