نوٽيس تي الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي کان معافي نه گهرندس: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نوٽيس تي صرف الله کان معافي گهرندس ٻئي  ڪنهن کان نه.

صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته چيئرمين اي سي سي کي نيب گهرائي صوبائي وزير جو ڪهڙو تعلق؟ گذريل ڏينهن جيڪو ڪجهه به ٿيو اهو جمهوري ملڪ ۾ ناهي ٿيندو. شاهد خاقان عباسي چيو ته وزيرن جي فوج آهي ۽ نوڪريون روزاني بدلجي وينديون آهن. اڄ معيشت ۽ پرڏيهي پاليسي، تباهه ٿي چڪي آهي. هن چيو ته عوام سڃاڻپ ڪارڊ هٿ ۾ کڻي کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور آهي. کنڊ جو معاملو سڌو آهي،  ڏوهاري وزيراعظم ۽ ڪابينه آهي.

هن چيو ته شهباز شريف تي اڃان تائين ڪي به الزام ثابت ناهن ٿي سگهيا. وزيراعظم ۽ ڪابينه کي ڏيڍ سال جيل ۾ وجهنداسين ته خبر پئجي ويندي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته  ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ اسان وٽ ويڪسين ناهي. حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي ڪنهن  جي به جان محفوظ نه آهي.

ملڪ ۾ اڄ مهانگائي عروج تي پهتل آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته امن امان قائم ڪرڻ جا ذميوار اڄ به ناڪام آهن. 23 ڪروڙ جو ملڪ خيرات ۾ ويڪسين وٺي ماڻهن کي لڳائي رهيو آهي. حڪومت ڪورونا ويڪسين جو هڪ ٽڪو به خريد ناهي ڪري سگهي. هن جو چوڻ هو ته اين سي او سي ناڪام ٿي چڪي آهي. ان کي بند ڪري ڇڏيو. حڪومت جي ڪابه پاليسي ناهي، عوام مشڪل ۾ آهي. اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستانين کي ٻين ملڪن جي سفر کان روڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔