ڪوئيٽا ڌماڪو آپگهاتي هو، حملو ڪندڙ گاڏي ۾ ويٺو رهيو: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا ۾ ٿيل ڌماڪو آپگهاتي هو ۽ ڌماڪي جي وقت بمبار گاڏي ۾ ويٺو هو .

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد احمد ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ 60 کان 80ڪلو گرام تائين بارودي مواد استعمال ڪيو ويو.

سندس چوڻ هو ته اها انهن پاڪستان دشمنن جي ڪارروائي آهي جن کي پاڪستان جي ترقي نه ٿي وڻي ، ان حملي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته گوادر ۽ بلوچستان پاڪستان جو مستقبل آهن ۽ چين پاڪستان جو آزمايل دوست آهي ،اسان جي دوستي هماليه کان به اوچي آهي .

هن چيو ته اهو ڌماڪو پاڪستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هڪ سازش هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔