اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات

اسلام آباد: وفاقي راڄڌاني اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي.

موسميات کاتي موجب برسات سبب خشڪي ۾ گهٽتائي واقع ٿي اهي ۽ موسم خوشگوار ٿي ويو آهي. جڏهن ته خيبرپختونخواهه، مٿانهين پنجاب، بلوچستان، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به برسات جو امڪان آهي. خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ جبلن تي برفباري ۽ ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي.

جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ موسم خشڪ رهندو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين خيبرپختونخواهه ۽ ڪشمير ۾ کنوڻ سان گڏ برسات پئي. جڏهن ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم خشڪ رهيو.

گذريل ڏينهن سڀني کان وڌيڪ برسات خيبرپختونخواهه جي علائقي مالم جبه ۾ 9 ملي ميٽر، پاڪ پتن ۾ 8 ملي ميٽر، ڪالام ۾ 7 ملي ميٽر، چترال م 6 ملي ميٽر، پارا چنار ۾ 5 ملي ميٽر، سيدو شريف ۾ 4 ملي ميٽر، مير کهائي ۾ 3 ملي ميتر، ديوش ۽ دير ۾ 2 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔