سارا سان ٻي ملاقات ۾ ئي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي: فلڪ شبير

ڪراچي: گلوڪار فلڪ شبير چيو آهي ته مان ٻي ملاقات ۾ ئي سارا کي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي.
هڪ انٽرويو ۾ ڳائڻي فلڪ شبير ٻڌايو ته منهنجي سارا خان سان پهرين ملاقات 2019 جي ”هم ٽي وي برائڊل ڪوئچر“ ۾ ٿي، هوٽل تي چانهه پيئندي سارا سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ شايد اسان پهريون ڀيرو ئي ڳالهايو هو.
هن چيو ته ٻي ملاقات هڪ شو کانپوءِ ايم ايم عالم روڊ تي هوٽل ۾ کاڌو کائيندي ٿي ۽ سارا سان تفصيلي ملاقات کانپوءِ واپسيءَ تي مان کيس شاديءَ جي آڇ ڪري ڇڏي، جنهن تي هن مون کي پنهنجي پيءُ سان ملڻ جو چيو.
فلڪ شبير موجب سارا جي پيءُ سان ملاقات وقت مان گهٻرايل هيس پر سڀ ڪجهه سٺو رهيو ۽ 6 مهينن جي اندر ٻنهي خاندانن شادي طئي ڪري ورتي.
سندس چوڻ هو ته مان سارا کي شوبز سان سلهاڙيل ڪنهن به ڪم کان نه روڪيندس پر هر فيصلي ۾ ساڻس گڏ آهيان ۽ اڳتي به سندس ساٿ ڏيندس

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔