سنڌ ۾ 80 سيڪڙو ڪورونا مريض گهرن ۾ ئي صحتياب ٿي ويا

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا 80 سيڪڙو مريض گهرن ۾ ئي صحتياب ٿي ويا.
صحت کاتي جي اختيارين موجب سنڌ ۾ مجموعي طور هيل تائين هڪ لک 14 هزار ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، جن مان 88 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اسپتالن ۾ وڃڻ بدران گهرن ۾ ئي تندرست ٿيا.
صوبائي صحت کاتي ان حوالي سان رپورٽ تياري ڪري وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي پيش ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب صوبي ۾ هڪ لک 14 هزار ڪيسن مان 82 سيڪڙو ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ 88 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اسپتالن ۾ وڃڻ بنا گهرن ۾ ئي صحتياب ٿي ويا، رڳو 20 ماڻهو قرنطينه مرڪزن يا اسپتالن ۾ وڃي صحتياب ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔