آمريڪا جو چيني شهرين تي ڪووڊ 19 ويڪسين جي چوري جو الزام

واشنگٽن: آمريڪا جي انصاف واري کاتي چين جي ٻن شهرين تي آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ سوين ڪمپنين جي ڪورونا وائرس ويڪسين تي ريسرچ ۽ مواد چوري ڪرڻ جو الزام هنيو آهي.
آمريڪا ۾ ٻنهي چيني شهرين تي ڪوووڊ 19 جي ويڪسين جي حوالي سان مواد چوري ڪرڻ تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.
آمريڪا جي نيشنل سيڪيورٽي جي اسسٽنٽ اٽارني جنرل جان ڊيمرز موجب 34 ورهين لي شيائويو ۽ 33 ورهين جي ڊونگ جيازي آمريڪا، چين ۽ هانگ ڪانگ ۾ انساني حقن جي ڪارڪنن کي به نشانو بڻايو.
سندس چوڻ هو ته هيڪر چين ۾ موجود آهن ۽ آمريڪي قانون جي دائري کان پري آهي، هنن پنهنجي ذاتي فائدي ۽ چين جي اسٽيٽ سيڪيورٽي وزارت جي مفاد لاءِ ڪوششون ڪيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔