سي ٽي ڊي جي ڪراچي ۾ ڪارروائي ، پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم لشڪري جهنگوي جا 5 دهشتگرد گرفتار

ڪراچي : سي ٽي ڊي جي ٽيم ڪراچي جي گوليمار واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم لشڪري جهنگوي جا 5 دهشتگرد گرفتار ڪيا. گرفتار دهشتگردن جي سڃاڻپ ڪاظم علي شاهه عرف شاهه جي، محمد ثاقب اختر، عبدالرحمٰن عرف زبير، عمير عرف خليل، شهاب عرف ڇوٽا ۽ صفدر عرف ڪاشو کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان ڪلاشنڪوف، نائن ايم ايم جا پسٽول ۽ ٻيو بارودي مواد هٿ ڪيو ويو. پوليس موجب گرفتار دهشتگردن ٽارگيٽ ڪلنگ سميت ٻين ڪيترن ڏوهن ۾ ملوث هيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔