آمريڪا چين کي هيوسٽن ۾ موجود قونصل خانو 72 ڪلاڪن ۾ بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪا چين کي هيوسٽن ۾ موجود قونصل خانو 72 ڪلاڪن ۾ بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي تصديق ڪندي چيو آهي ته هيوسٽن ۾ موجود چيني قونصل خاني جي بندش جا حڪم آمريڪي جاچ ۽ خانگي ڄاڻ جي تحفظ جي لاءِ ڏنا ويا آهن. ٻئي پاسي چين هيوسٽن ۾ چيني قونصليٽ جي بندش جي آمريڪي قدمن جي سخت مذمت ڪندي ان کي رڳو هڪ پاسي سياسي ڏڦيڙ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته هيوسٽن ۾ چيني قونصليٽ خاني جي بندش عالمي قانون، بنيادي اصولن ۽ آمريڪي چين قونصلر معاهدي بابت شقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. چين جو چوڻ آهي ته آمريڪي قدم آمريڪا چين لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪوشش آهي، آمريڪي غلطيون درست نه ٿيون ته چين ضروري ۽ مناسب جواب ڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔