ڀارت جي هندوتوا سوچ ۽ جارحاڻي پالسين جي ڪري خطي جي امن ۽ استحڪام کي خطرا آهن: شاهه محمود

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته ڀارت جي هندوتوا سوچ  ۽ جارحاڻي پالسين جي ڪري سڄي خطي جي امن ۽ استحڪام کي سخت خطرا لاڳو آهن ۽ هو افغانستان ۾ امن جي قيام جي ڪاوشن ۾ رنڊڪ وجهڻ چاهي ٿو.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ پرڏيهي وزارت ۾ خطي ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ قومي سلامتي واري خاص مددگار معيد يوسف، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، اعليٰ عسڪري اختيارين ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ڀارتي جارحيت ۽ خطي ۾ امن امان جي گڏيل صورتحال جي حوالي سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.

پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جي هندوتوا سوچ ۽ جارحاڻي پاليسين جي ڪري سڄي خطي جي امن ۽ استحڪام کي خطرا لاڳو آهن، جڏهن ته هو افغانستان ۾ امن جي قيام جي ڪاوشن ۾ رنڊڪ وجهڻ ٿو چاهي.

هن چيو ته ڀارت، والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ پنهنجي اندرين ڪمزورين تي پردو وجهڻ لاءِ لائن آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي جي ذريعي عام شهرين کي نشانو بڻائي رهيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هٿين خالي ڪشميرين کي ڀارتي ظلم مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔