اقتصادي رابطا ڪميٽي ۾ نيا پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي لاءِ مارڪ اپ سبسبڊي جي منظوري

اسلام آباد: اقتصادي رابطا ڪميٽي ۾ نيا پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي لاءِ مارڪ اپ سبسبڊي جي منظوري ڏني وئي.

ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيا پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي لاءِ مارڪ اپ سبسڊي جي منظوري ڏني وئي.

جاري پڌرائي موجب پنج مرلي گهر لاءِ پهرين پنج سال مارڪ اپ 5 سيڪڙو ۽ ايندڙ پنج سالن لاءِ 7 سيڪڙو هوندو. 3 کان 5 مرلا گهر جي قيمت 35 لک تائين هوندي ان تي سبسڊي ڏني ويندي.

پڌرائي موجب 10 مرلي جي گهر تي سبسڊي 60 لک جي قيمت تائين هوندي. سستي گهرن لاءِ 10 سالن جي لاءِ 33 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

اجلاس جي پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اجلاس ۾ پاڪ فوج کي هلندڙ سال پاسڪو کان ڏيڍ لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي فراهمي جي منظوري ڏني وئي. اِها ڪڻڪ ادائيگي تي پاسڪو کان فوج کي فراحم ڪئي ويندي.

پڌرائي موجب اي سي سي سال 2020 لاءِ تماڪ جي گهٽ کان گهٽ قيمت جي منظوري ڏئي ڇڏي. قيمت جي منظوري پرائس اينڊ گريڊرويزن ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ ڏني وئي.

اجلاس ۾ اي سي سي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپيرشن سينٽر ۽ سرڪاري کاتن جي لاءِ نئين سسٽم جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان منصوبي لاءِ 4.18 ڪروڙ رپيا فراهم ڪيا ويندا.

پڌرائي موجب اجلاس ۾ بلوچستان ۾ معدنيات جي ترقي لاءِ منرل ايڪسپلوريشن ڪمپني جي قيام جي منظوري ڏني وئي. منصوبي لاءِ پي ايم ڊي سي جي ذريعي 32 ڪروڙ رپيا فراهم ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔