حڪومت مائع قدرتي گئس بابت ڊگهي پاليسي ٺاهي رهي آهي : نديم بابر

اسلام آباد؛ پيٽروليم بابت وزيراعظم جي خاص مددگار نديم بابر چيو آهي ته حڪومت مائع قدرتي گئس بابت ڊگهي پاليسي ٺاهي رهي آهي جنهن جو مقصد ايل پي جي مقامي پيداوار وڌائڻ ۽ ان جي قيمتن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ان جي اڻ کٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ آهي. هو ايل پي جي صنعت جي گڏيل وفد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ساڻس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي.. اسپيشل اسسٽنٽ چيو ته حڪومت مڪاني پيداوار ۽ درآمد ٿيل ايل پي جي وچ ۾ فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ڊسٽريبيوٽرن لاءِ ايل پي جي قيمت جو فارمولو ترتيب ڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔