لنڊن؛ امريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي برطانيه پهچي ويو آهي.
دوري دوران هو برطانوي وزيراعظم بورس جانسن ۽ پنهنجي برطانوي هم منصب سان ملاقات ڪري گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.
جڏهن ته بريگزٽ بعد يو ڪي ۽ يو ايس سهڪار تي به ڳالهيون ٿينديون.