پي ٽي اي عوامي شڪايتن تي بيگو ايپ کي ملڪ ۾ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ٽڪ ٽاڪ کي وارننگ

اسلام آباد؛ عوامي شڪايتن تي قدم کڻندي ، پي ٽي اي وڊيو شيئرنگ موبائل ايپليڪيشن ٽڪ ٽاک ٽو کي وارننگ جاري ڪئي ۽ بيگو ايپ کي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب شهري ويڊيو شيئرنگ موبائل ايپليڪيشن ٽڪ ٽاڪ خلاف پاڪستان ۾ شڪايتون داخل ڪري رهيا هئا ، جنهن تي پي ٽي اي ڪارروائي ڪندي ٽڪ ٽاڪ کي وارننگ جاري ڪئي. پي ٽي اي اهلڪارن هڪ باضابطه بيان جاري ڪندي ٽڪ ٽاڪ ايپ انتظاميا کي واررننگ ۽ بيگو ايپ کي بلاڪ ڪري ڇڏيو.. پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته ٽڪ ٽاڪ ۽ بيگو تي فحش ۽ غير اخلاقي مواد جون شڪايتون مليون ، نازيبا ۽ غير اخلاقي مواد سماج ۽ نوجوانن تي ناڪاري اثر وجهي رهيو آهي.. پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته ٽڪ ٽاڪ ، بيگو وارننگز باوجود غير اخلاقي ، فحش مواد نه هٽايو جنهن کانپوءِ بيگو ايپ ملڪ جي قانونن تحت بلاڪ ڪيو ويو جڏهن ته ٽڪ ٽاڪ کي غير اخلاقي فحش مواد لاءِ حتمي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔