ڀارتي ظلمن جي خلاف جدوجهد ۾ ڪشميرين جو ساٿ ڏيندا رهنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشميرين جي ڀارتي حڪومت جي ظلمن جي خلاف جدوجهد ۾ ساٿ ڏيندا رهنداسين.

وزيراعظم عمران خان يوم الحاق پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن  ڪشميرين پاڪستان کان الحاق جي قرارداد منظور ڪئي هئي ۽ ان جي ياد ۾ اڄ اسان يوم الحاق پاڪستان ملهائي رهيا آهيون.

اسان ڪشميرين جي حق خود اراديت جي جدوجهد ۾ ساٿ ڏيڻ جي عزم جي تجديد ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ڪشميرين جو حق خود اراديت گڏيل قومن جي سيڪريٽري ڪائونسل مڃيو آهي. ڪشميري هندوتوا نظريي واري ڀارتي  حڪومت جي غيرقانوني ۽ ظالماڻن قدمن جي خلاف جدوجهد  ڪري رهيا آهن.

پاڪستان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي. ڪشميرين جي ڀارتي حڪومت جي ظلمن جي خلاف جدوجهد ۾ ساٿ ڏيندا رهنداسين. ڪشميرين کي هڪ ڏينهن ضرور انصاف ملندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔