عمران خان پرڏيهي شهريت رکندڙ پنهنجن صلاحڪارن ۽ وزيرن کان استعيفيٰ وٺي: مريم اورنگزيب

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب وزيراعظم کان مطالبو ڪيو آهي ته عمران  خان پرڏيهي شهرت رکندڙ پنهنجن صلاحڪارن ۽ وزيرن کان استعيفيٰ وٺي.

مريم اورنگزيب پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته عمران صاحب اوهان چيو هو ته ٻٽي شهريت هجي ۽ هو هتي وزير به هجي اهو ته  ٿي نٿو سگهي.

اوهان چيو هو ته اهو نٿو ٿي سگهي ته ٻٽي شهريت به هجي ۽  هو ملڪ جي مستقبل جا فيصلا به ڪري. مسلم ليگ(ن) جي ترجمان وڌيڪ چيو ته عمران صاحب اوهان چيو هو ته جنهن وٽ ٻئي ملڪ جو پاسپورٽ هجي ان کي پارليامينٽ ۾ نه ويهڻ گهرجي. هاڻ ٻٽي شهريت رکندڙن کي 22 ڪروڙ عوام جي قسمت جا  فيصلا ڇو ڪرڻ ڏئي رهيا آهيو.

مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته عمران صاحب اڄ پرڏيهي پاسپورٽ وارن کي ڪابينه ۾ ڇو ويهاريو ويو آهي.؟ جن جو پاڪستان ۾ ڪجهه ناهي انهن کي پنهنجي ڪابينه ۾ ويهاري ڇو فيصلا ڪرائي رهيا آهيو.؟

هن چيو ته ملڪ تي پرڏيهي ٽولو  مڙهڻ سبب عوام بيروزگاري، معاشي تباهي ۽ بک ۾ مبتلا آهي. سمورن فارين فنڊنگ اڪائونٽس جي پيداوار صلاحڪارن ۽ وزيرن جو ٽولو آهي جيڪو تحفي ۾ عمران صاحب کي مليو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔