سڄي دنيا ۾ ڪشميري اڄ يوم الحاق پاڪستان جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهيا آهن

اسلام آباد: سڄي دنيا ۾ ڪشميري اڄ يوم الحاق پاڪستان ملهائي رهيا آهن. هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ان عهد جي تجديد ڪرڻ آهي ته ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي ۽ ان جي پاڪستان سان الحاق تائين جدوجهد جاري رهندي.

رپورٽ موجب ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن کان علاوه سڄي دنيا ۾ ڪشميري اڄ يوم الحاق پاڪستان ملهائي رهيا آهن. يوم الحاق پاڪستان جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ تقريبن جو بندوبست ڪيو ويندو. ڀارتي قبضي  مان آزادي، جمون ۽ ڪشمير جو پاڪستان کان الحاق يقيني بنائڻ جي لاءِ جدوجهد تيز ڪرڻ جي عهد جي تجديد به ڪئي ويندي.

ڪشميرين جي حقيقي نمائندن 19 جولاءِ 1947ع تي سري نگر ۾ آل جمون ۽ ڪشمير مسلم ڪانفرنس جي اجلاس ۾ پاڪستان کان الحاق جي قرارداد  گڏيل طور تي منظور ڪئي هئي پر 26 آڪٽوبر 1947ع تي ڪشمير جي مهاراجا عوامي خواهشن جي ابتڙ ڀارت کان الحاق جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ وادي ۾ ڀارتي فورس داخل ٿي وئي ۽ هٿين خالي ڪشميرين  مٿان نه رڪجڻ واري ظلم جي شروعات ٿي وئي.

ڪشمير ميڊيا سروس جي رپورٽ موجب ان ست ڏهاڪن ۾ پنج لک ڪشميرين والاريل وادي جي  آزادي جي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو ڏنو آهي. ڀارتي سيڪيورٽي فورس جي بدترين ظلمن ۽ ڪٺ پتلي انتظاميه جا ظلم به ڪشميرين جي دلين مان پاڪستان جي محبت ناهن ڪڍي سگهيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔