سعودي عرب ۽ وچ اوڀر ۾ قرباني واري عيد 31 جولاءِ تي ٿيڻ جو امڪان

رياض: سعودي عرب ۽ وچ اوڀر ۾ قرباني واري عيد 31 جولاءِ تي ٿيڻ جو امڪان آهي ،

سعودي پريس ايجنسي موجب سعودي عرب جي سپريم ڪورٽ عوام کي ايندڙ سومر تي ملڪ ۾ چنڊ ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ چيو آهي

سعودي سپريم ڪورٽ چيوآهي ته انساني اک يا ڪنهن سائنسي آلي جي مدد سان چنڊ ڏٺو وڃي ته ان جي شهادت ڪنهن به ويجهي عدالت ۾ ڏني وڃي

ٻئي پاسي ماهرن جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ عيد 31 جولاءِ تي ئي ٿيڻ جو امڪان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔