دنيا ۾ ڪرونا جا هاڃا، فوتين جو انگ وڌي 5 لک 97 هزار 683 ٿي ويو

نيو يارڪ: دنيا ۾ ڪرونا جا هاڃا جاري آهن،فوتين جو انگ وڌي 5 لک 97 هزار 683ٿي ويو. رپورٽس مطابق دنيا ۾ ڪرونا متاثرن جو تعداد هڪ ڪروڙ 41لک 7 هزار963 ٿي ويو. هينئر تائين ڪرونا جا 84 لک 5 هزار 676 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن،آمريڪا جيڪو ڪرونا کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي،اتي هڪ لک 41 هزار 874 شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن. عالمي رپورٽس مطابق برازيل ۾ڪرونا وائرس ۾ فوتين جو انگ 77 هزار 851 تائين پهتل آهي. ڀارت ۾ ڪرونا 26 هزار 285،روس ۾ 12 هزار 123 ۽ ميڪسيڪو ۾ 37 هزار 574حياتيون ڳڙڪائي ويو. برطانيا ۾ 45 هزار 233،ايران ۾ 14 هزار ،ترڪي ۾ 5هزار 454 ۽ سعودي عرب ۾ 2 هزار 407 شهري ڪرونا جو کاڄ ٿي ويا آهن. رپورٽس مطابق اٽلي ۾ ڪرونا ۾ وڌيڪ 11 فوتگيون ٿيڻ بعد تعداد 35 هزار 28 ٿي ويو،جڏهن ته بنگلاديش ۾ 2هزار 547 شهري موت جو کاڄ ٿي چڪا آهن…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔