وزيراعظم سان چيني سفير جي ملاقات، خطي جي صورتحال ۽ امن ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد:  وزيراعظم شهباز شريف سان چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ وفاقي راڄڌاني ۾ اهم ملاقات ڪئي آهي. انهي موقعي تي نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، منصوبه بندي وارو وزير احسن اقبال، اطلاعات وارو وزير عطاءُالله تارڙ، وزيراعظم جو خاص مددگار سيد طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ به موجود هئا.

ملاقات ۾ وزيراعظم چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان کي چين سان اسٽريٽجڪ ڀائيواري تي ناز آهي.

هن انهي ارادي جو به اظهار ڪيو ته هو چيني قيادت سان ويجهو تعاون جاري رکندا ته جيئن ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط کان مضبوط ٿين. ملاقات جي دوران وچ اوڀر جي صورتحال ۽ پاڪستان جي امن ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

چيني سفير وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪندي خطي ۾ دير تائين امن جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي تعريف ۽ صدر شي جن پنگ جي وزن موجب پاڪستان سان دوستي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ انهي کي نئين بلندين تائين کڻي وڃڻ جو ارادو ظاهر ڪيو.

 

تبصرے بند ہیں۔