وزيراعظم جي صدارت هيٺ اهم اجلاس: سرڪاري استعمال جي لاءِ صرف اليڪٽرڪ بسون، موٽر سائيڪلون خريد ڪرڻ جي هدايت
اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ انرجي سيڪيورٽي بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ ملڪ جون توانائي ضرورتون، بچت ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي تفصيلي غور ڪيو ويو.
اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته انرجي سيڪيورٽي هاڻ قومي منصوبه بندي جو هڪ اهم حصو بڻجي چڪي آهي ۽ موجوده علاقائي صورتحال جي باوجود وقت تي کنيل قدمن سبب ملڪ کي توانائي بحران کي منهن نه ڏيڻو پيو.
هن هدايت ڪئي ته مستقبل جي ضرورتن کي آڏو رکندي ٻارڻ جي تيل جي اسٽريٽجڪ ذخيرن جي قيام تي ڪم تيز ڪيو وڃي. اجلاس ۾ توانائي جي بچت ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ ماحول دوست برقي ذريعن کان آمد رفت کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏنو ويو. وزيراعظم هدايت ڏني ته آئنده سرڪاري استعمال جي لاءِ صرف اليڪٽرڪ بسون ۽ موٽر سائيڪلون خريد ڪيون وڃن ۽ اي وي چارجنگ اسٽيشن جي قيام کي تيز ڪيو وڃي.
هوڏانهن شمسي توانائي مان پيدا ٿيندڙ اضافي بجلي کي محفوظ بنائڻ جي لاءِ بيٽري اسٽوريج کي آسان بنائڻ ۽ مقامي سطح تي معياري بيٽرين جي تياري جي حوصله افزائي ڪرڻ جي هدايت به ڏني.
اجلاس ۾ بريفنگ جي دوران ٻڌايو ويو ته نيشنل ڪوآرڊينيشن اينڊ مينجمينٽ ڪونسل روزاني جي بنياد تي توانائي جي صورتحال جو جائزو وٺي رهي آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ هن وقت پيٽروليم شين جا وڏا ذخيرا موجود آهن، گيس ۽ تيل جي مقامي پيداوار ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي.
گرڊ سطح تي بيٽري اسٽوريج جي لاءِ ٻن تجرباتي منصوبن تي ڪم جاري آهي، جڏهن ته گهريلو سطح تي شمسي توانائي استعمال ڪندڙن کي به بيٽري اسٽوريج اپنائڻ جي ترغيب ڏني پئي وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ۽ اعليٰ اختيارين شرڪت ڪري توانائي جي شعبي ۾ جاري قدمن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
تبصرے بند ہیں۔